سلطانه سورٺ

سلطانه سورٺ

سلطانه سورٺ

سُلطانه سورٺ: فنڪاره سلطانه سورٺ جو جنم شهدادپور ضلعي سانگهڙ ۾ 1977ع ڌاري ٿيو. سندس والد جو نالو محمد عيدن ملاح آهي. سلطانه سورٺ موسيقيءَ جي سکيا پنهنجي اُستاد مرحوم موسيقار رجب علي رضا کان حاصل ڪئي، جنهن سلطانه سورٺ کي پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو. سلطانه سورٺ پنهنجي فن جي شروعات سنڌ جي ثقافتي پوشاڪن سان (شازين خشڪ وانگي) ڪئي ۽ تمام گهڻو داد حاصل ڪيو. هن سال 1996ع ۾ ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ پاڪستان ٽيليويزن سينٽر ڪراچي تي پڻ فن جو مظاهرو ڪيو. اُن کانپوءِ لاهور ۽ اسلام آباد جي سينٽرن تي پڻ پروگرام ڪيا ۽ شهرت حاصل ڪئي. اُستاد رجب علي رضا کان سواءِ سلطانه سورٺ، موسيقار غلام حسين کان پڻ تربيت حاصل ڪئي. سنڌ جي ڪُنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجي گائيڪيءَ ۽ انداز جي ڪري مشهور آهي.


لفظ سلطانه سورٺھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو